لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي ۾ پورهيت محمد بخش ڪلهوڙو، محمد حنيف ڪلهوڙو، ڪرم الدين ڪلهوڙو ٻارن سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته اسان ڪڻڪ جي ديري کي باهه ناهي لڳائي، سئوٽن آصف ڪلهوڙو، غلام مرتضيٰ ڪلهوڙو، برڪت ڪلهوڙو اسان خلاف شڪارپور جي ناپرڪوٽ ٿاڻي تي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي، نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي وڃي.