لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ضلعي ۾ اڄ ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ضلعي ۾ لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي چئن ٽائونن تي مشتمل 20 يونين ڪاميٽين، 46 يونين ڪائونسلن، ٻن ميونسپل  ڪاميٽين ۽ چئن ٽائون ڪاميٽين جي مجموعي 422 سيٽن تي 1330 اميدوار وچ ۾ مقابلو سڀاڻي ٿيندو. ضلعي جي اڪثر تڪن تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن وچ ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن. چونڊن کان اڳ پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ يونين ڪائونسل ۽ شهر جي ٽائون ڪاميٽي جا ٻه چيئرمين وائيس چيئرمين، ٽي ميمبر ضلع ڪائونسل ۽ 10 ڪائونسلر بنا مقابلي ڪاميابي ٿي ويا آهن. اليڪشن جو سامان وٺڻ لاءِ آيل پرزائيڊنگ ۽ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن جي ويهڻ توڙي کين ٿڌو پاڻي ۽ ٻيون سهولتون فراهم نه ڪيون ويون آهن جيڪي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.