لاڙڪاڻي ۾ پرائمري ماستر گوليون هڻي قتل، جوابدار فرار

0
260

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻو جي الھه آباد ٿاڻي جي حد ممتاز ڪالوني ۾ 55 ورهين پرائمري ماستر محمد هاشم پٽ محمد جمن ڪنڀر کي موٽر سائيڪل سوار جوابدارن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، مقتول جي وارثن جو چوڻ آھي ته اسانجي ڪنهن سان به دشمني نه آھي، الھه آباد پوليس جو چوڻ آھي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، مقتول پرائمري ماستر سان گڏ سرن جو بٺو به هلائيندو هو.