لاڙڪاڻي ۾ نينگري سان مبينا زيادتي ڪندڙ اڌڙوٽ گرفتار

0
281

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد بيت المال ڪالوني ۾ مبينا طور 14 سالن جي نينگري گل ناز ڌيءَ غلام محمد شيخ سان جنسي ڏاڍائي جي الزام هيٺ آيل اڌڙوٽ شاهنواز شيخ کي پوليس گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

 ان موقعي تي نينگري جي پيءُ غلام محمد شيخ دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 27 تاريخ تي آءُ پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن سان گڏجي سکر مائٽن جي شادي تي وياسين ته پويان شاهنواز شيخ منهنجي ڌيءَ گل ناز کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو

ان حوالي سان الزام هيٺ آيل پيرسن شاهنواز شيخ ٻڌايو ته مون مٿان الزام بي بنياد آهن، منهنجي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايو، جڏهن ته دڙي پوليس موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون تمام جلد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون