لاڙڪاڻو (رپورٽ :نويد لاڙڪ) لاڙڪاڻي  ۾ پوليس جي مبينا تشدد ۾ نوجوان فوت ٿي ويو. مرادواهڻ پاڙي جي رهواسي 23 ورهين جي شاهزيب ۽ جهانزيب  گوپانگ کي دڙي ٿاڻي جي پوليس مبينا حراست ۾ ورتو هو، شاهزيب رات دير سان مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويو، جڏھن ته پوليس سندس ڀاءُ جهانزيب کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ سندس وارثن صحافين آڏو احتجاج ڪندي دانهيو  ته پاڙي مان ممتاز کوکر جي گهران چوري ڪرڻ جو ڪوڙو الزام ڏئي دڙي ٿاڻي جي پوليس ٻن ڀائرن شاھ زيب ۽ جهانزيب کي گرفتار ڪيو هو، جن جي آزادي جا 50 هزار رشوت طور گهريا هئا، جيڪي نه ڏيڻ تي پوليس شاهزيب جون ڄنگهون ٻانهون ڀڃي تشدد ڪري ماريو آهي سندس جسم تي نشان موجود آهن. جڏهن تہ ڀاءُ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ جهانزيب کي پوليس آزاد ڪيو آهي، هنن چيو تگ شاهزيب جو چانڊڪا اسپتال مان اسان کي لاش مليو آهي جيڪو گهر کڻائي پهتا آهيون، پوليس وڏو ظلم ڪيو آهي اختياريون نوٽيس وٺن. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان سول لائن ٿاڻي جي حد ۾ الم پاڪ ۾ لائيٽ لڳائيندي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ۽ ڪرڻ سبب فوت ٿيو آهي، ڪو تشدد ناهي ڪيو.