لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي اولڊ بس اسٽينڊ واري علائقي جي رهواسڻ طلاق بعد ٻي شادي ڪندڙ ۽ وارثن پاران اغوا ڄاڻايل عورت ارم شيخ تحفظ لاءِ وومين ٿاڻي تي پهتي جنهن کي وومين ٿاڻي جي پوليس ڇهين ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عورت جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد عدالت عورت کي دارالامان حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي عورت ارم ٻڌايو ته منهنجو اڳوڻو مڙس علي حيدر شيخ مون مٿان تشدد ڪندو ھو جنھن ڪري مون کانئس طلاق ورتي جنهن کان پوءِ مون پڦاٽ عدنان مھيسر سان شادي ڪئي جنهن کان پوءِ منهنجا گهر ڀاتي منهنجي جان جا ويري بڻجي مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ڪري وومين ٿاڻي تي تحفظ لاءِ پهتي آهيان. هن مطالبو ڪيو ته مون کي تحفظ فراهم ڪري وارثن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.