لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) غيرقانوني پارڪنگ ڪيل موٽر سائيڪلون توڙي دڪانن اڳيان رکيل سامان کڻائي ٿاڻي منتقل ڪرايو ۽ رمضان آرڊيننس جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي برياني  جي کليل دڪان کي بند ڪرائي دڪان مالڪ مٿان 8 هزار ڏنڊ وجهي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي چئن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته شهرين جي شڪايت تي غير قانوني پارڪنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. هوڏانهن شخصي ضمانت تي حراست ۾ ورتل دڪاندارن کي آزاد پڻ ڪيو ويو.