لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، جڏهن ته گٽرن توڙي نالن جو گندو پاڻي روڊن تي ڪاهي پيو آهي، جنهن ڪري شهر جي اڪثر شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، شهر جي فيصل ڪالوني ۽ ون ڪالوني جي رهواسين نالين جو گندو ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف نيو بس اسٽينڊ وٽ فقير غلام رسول جتوئي، علي گوهر ابڙو، طالب حسين جتوئي، عبدالسميع سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، هوڏانهن شهر جي ڀينس ڪالوني، مال پڙي روڊ تان گذريل هڪ هفتي کان برساتي ۽ گٽرن جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو آهي، جنهن ڪري گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي ۽ علائقي ۾ بدبوءِ توڙي گندگي ڦلهجي وئي آهي، علائقي واسين نديم لاشاري، تاج محمد مگسي، شير محمد مگسي، ارسلان، يوسف چانڊيو، رفيق ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته گذريل هڪ هفتي کان مسلسل گٽرن جو گندو ۽ برساتي پاڻي بيٺل آهي جنهن کي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ميونسپل انتظاميا طرفان ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا ويا، هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر ميونسپل انتظاميا برساتي ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته گٽرن ۽ برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.