لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي نظر محلا ۾ نئين جڳهه جي اڏاوتي ڪم دوران باقراڻي جي ڳوٺ پٺاڻ جو رهواسي 40 ورهين جو جڳهن جو مستري حبدار علي سيال ڪاٺ واري ڦٽي تان ڪري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ٻين مزدورن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي. ان موقعي تي فوتي جي ڀاءُ طارق سيال ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ نظر محلا ۾ نئين جڳهه جو اڏاوتي ڪم ڪري رهيو هو ته جتان هو ڪاٺ واري ڦٽي تان ڪري سخت زخمي ٿيو جنهن کي ٻين مزدورن اسپتال آندو ته جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.ٻئي طرف اسپتال انتظاميه پاران ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو