لاڙڪاڻي ۾ اي ايس آءِ سميت 3 ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل

0
165
ڏهرڪي ويجهو  گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان زال قتل، ٻارڙي زخمي
ڏهرڪي ويجهو  گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان زال قتل، ٻارڙي زخمي

لاڙڪاڻي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ خوني جهيڙي دوران اي ايس آءِ سميت 3 ڄڻن جي مارجي وڃڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪرايل ڪيس ۾ 11 سڃاتل جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن

گذريل ڏينهن چانڊيا ۽ ڏاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران اي ايس آءِ سلطان شاهه شهيد، عمران ڏاهاڻي ۽ محمد حسن چانڊيو مارجي ويا هئا

فائرنگ ۾ ڊي ايس پي ۽ هڪ وڌيڪ اهلڪار سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، نامزد جوابدارن ۾ علي حسن ڏاهاڻي، تشڪيل جتوئي، غازي خان جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن