لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي يوسي 20 جي رهواسين لاڙڪاڻي جو ايئرپورٽ ۽ ريلوي ٽرينون بند ٿيڻ، آريجا انڊسٽريل سائيٽ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ سميت ٻين مسئلن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پي پ پ يوسيا 20 جي نائب صدر وڪيل راشد شيخ، غلام عباس سامٽيو، فراز حسين چانڊيو، الطاف حسين شيخ ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ 15 سال کان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هجڻ باوجود شهيدن جو شهر مسئلن جي ور چڙهيل آهي. لاڙڪاڻي جو ايئرپورٽ سالن کان ويران ۽ ريلوي نظام تباهه آهي، لاڙڪاڻي ۾ بولان ميل، خوشحال خان خٽڪ، قلندر ايڪسپريس سميت ٻيون ٽرينون ڪافي عرصي کان بند آهن. هنن چيو ته آريجا سائيٽ انڊسٽريل ايريا جو ڪم به رولڙي جو شڪار آهي.