لاڙڪاڻو (رپورٽ: شاهه محمد لاشاري ) لاڙڪاڻي ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻجي ويو،  اسٽيشن روڊ ، رائيل روڊ، جناح باغ چوڪ، گجڻ پور روڊ،  جيلس بازار روڊ، سبزي منڊي روڊ ، باقراڻي روڊ سميت ٻين مصروف روڊن تي ماڻهو گاڏيون بيهاري پارڪنگ ايريا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان شهرين عابد شيخ، تسليم کوسو، مختيار علي، غلام اصغر پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ ٽريفڪ جو آزار گهٽجي ناهي سگهيو،  ٽريفڪ پوليس وارا رڳو اوڳاڙي ۾ پورا آهن. شهر ۾ پارڪنگ ايريا نه هجڻ ڪري مک روڊن تي ماڻهو گاڏيون بيهارين ٿا. اسڪول، آفيسن توڙي ٻين ڪم ڪاري سانگي ايندڙ شهري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته 27 ڊسمبر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي مٿان اچي پهتي آهي پر ضلعي انتظاميه ٽريفڪ نظام جي بهتري لاءِ قدم ناهن کنيا. ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروايون ٿيڻ گهرجن..ان سلسلي ۾ ايس پي سٽي عتيق الرحمان پنهنجي اخبار سان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽريفڪ پوليس آفيسرن کي هدايتون ڏنيون آهن.هوڏانهن ٽريفڪ سارجنٽ عبدالوحيد ابڙو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان وٽ ٽريفڪ پلان تي عمل شروع شروع ڪري ڇڏيو آهي ٽريفڪ کي روٽ ڏنا ويا آهن باقي روڊن اڳيان ٿيل اڳيان رڪاوٽ بڻجندڙ خلاف ڪاروايون ڪرڻ انڪروچمينٽ پوليس وارن جو ڪم آهي.