لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي وليد ٿاڻي جي حد نئون اسٽان واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن چنگچي هلائيندڙ 35 ورهين جي رتوديرو جي ڳوٺ ڳڙهي حرسا واسي محمد سليمان ڪورڪاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ٽراما سينٽر منتقل ڪيو.پوليس موجب سليمان ڪورڪاڻي مٿان پنهنجي ئي ذات جي ماڻهن  جو ڪارنهن تهمت جو الزام هو، جنهن کي ڳوٺ مان نيڪالي مليل هئي، معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون.پوليس ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته واقعو ڪارنهن تهمت تان پيش آيو، نوجوان کي قتل ڪندڙ هٿياربندن ن علائقي واسين کي ٻڌايو ته نوجوان سندن ڪارو آهي،  تنهن ڪري وچ ۾ ڪو به نه پوي، ٻئي طرف اسپتال انتظاميا ضروري ڪارروائي بعد  پورهيت جو لاش وارثن حوالي ڪيو.