لاڙڪاڻو( بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي 28 ورهين جي ٻن ٻارن جي پيءُ علي رضا سومرو غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي لاهوري ريگيوليٽر وٽان رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏنو.ضلعي انتظاميا طرفان لاش ڪڍڻ لاءِ ٽوٻا نه گهرائڻ تي وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت  ٽوٻن کي گهرائي لاش جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي اهڙي سڌ پوڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو لاهوري ريگيوليٽر وٽ پهتو جتي هن  نوجوان جي وارثن کي خاطري ڪرائي.  مجاهد سومري پنهنجي مائٽ وحيد سومري سان گڏجي احتجاج ڪندي دانهيندي الزام لڳايو ته منهنجي پٽ واري واقعي کي ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا آهن پر افسوس جو هن وقت تائين ضلعي انتظاميه جي ڪنهن به عملدار اسان سان سهڪار ناهي ڪيو ۽ نه ئي ٽوٻا گهرائي لاش ڪڍرائڻ ۾ مدد ڪئي پئي وڃي تنهن ڪري اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت  ٽوٻا گهرائي لاش جي ڳولا ڪري رهيا آهيون ۽ چار ڪلاڪ گذرڻ کان پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر اچي چئي رهيو آهي ته اسان چيو آهي خبر ناهي انهن ڪنهن کي چيو انهن ريگيوليٽر جا در به بند ناهن ڪيا، خبر نه ٿي پوي ته ايڏي بجيٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي؟  ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو  ڳالهائيندي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي توڙي ٽي وي چئنلن تي اهڙي خبر بعد مون ميونسپل ڪمشنر سان رابطو ڪري ٽوٻا گهرائي ڇڏيا آهن ۽ آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل انجنيئر سان رابطو ڪري دروازا هيٺ ڪرڻ جو چيو آهي جيئن پاڻي جا وهڪرن گهٽ ٿين ۽ جلد کان جلد لاش ملي وڃي. هوڏانهن آخري اطلائن تائين خودڪشي ڪندڙ نوجوان جو لاش هٿ نه اچي سگهيو