لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي رحمت پور ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني مان اغوا ڄاڻايل اٺين جماعت جي شاگردياڻي دعا شمائلا بروهي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته وسيم بروهي سان بلوچستان ۾ شادي ڪئي آهي، ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، ڪيس فضول آهن ڄاڻايل جوابدارن کي ٽارچر نه ڪيو هنن مون کي اغوا ڪيو ئي ناهي.شاگردياڻي پنهنجي امڙ مٿان سنگين الزام لڳائيندي چيو ته منهنجي امڙ سان اختيار ابڙو جو ناجائز تعلق هو، جيڪو مون سان بدتميزي ڪندو هو، ان ڪري پنهنجي گهران نڪتي آهيان،ڪنهن اغوا ناهي ڪيو،شاگردياڻي دعا شمائلا بروهي جو چوڻ هو ته راز خوشيءَ سان وسيم بروهي سان شادي ڪئي آهي، هن وقت مان وڊيو ۾ پنهنجي مڙس کي ان ڪري نه پئي ڏيکاريان ته سندس حياتي کي خطرو آهي. مون کي ڪجهه به ٿيو ته ان جا ذميوار منهنجي امڙ رفعت ياسمين ٻرڙو ۽ اختيار ابڙو هوندا. ايس ايس پي کي گذارش آهي توهان جن کي به گرفتار ڪيو آهي انهن کي ڇڏي ڏيو انهن مون کي اغوا ناهي ڪيو.

شاگردياڻي دعا شمائلا  جي امڙ وڊيو ۾ لڳايل الزام رد ڪري ڇڏيا

لاڙڪاڻو: شاگردياڻي دعا شمائلا جي امڙ رفعت ياسمين بروهي رابطو ڪرڻ تي پاڻ مٿان لڳايل الزامن کي رد ڪندي ٻڌايو ته اختيار ابڙو منهنجو ماسات آهي جيڪڏهن اختيار جا مون سان ناجائز تعلقات آهن ته پوءِ اختيار ڌيءَ کي ڇو حراسان ڪندو؟ تنهن ڪري منهنجي ڌيءَ جي بيان ۾ ڪا به صداقت ناهي. هن ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ دعا شمائلا کان زبردستي بليڪ اينڊ وائيٽ ويڊيو ۾ اهڙو بيان ڏياريو جنهن ۾ ڪا به صداقت ناهي.

 

وارثن پاران اسڪول جي ماستر ۽ ڇوڪري کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي گهر

لاڙڪاڻو: شاگردياڻي جي امڙ رفعت ياسمين بروهي پنهنجي مڙس ممتاز بروهي سان گڏجي ٽائيم نيوز آڏو روئيندي چيو ته ڌيءَ 13 جون تي گهران نڪرڻ بعد واپس نه موٽي، ايس ايس پي روحل کوسو به ڪو دلاسو نه پيو ڏئي، ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون مجبور ٿي پريس ڪلب اڳيان احتجاج پيا ڪيون. ڪنهن مٿان شڪ ناهي پر اسڪول جو ٽيچر به گهڻيون ڳالهيون پيو ڪري شايد ان معاملي ۾ ان وٽ وڌيڪ معلومات هجي ان کي گرفتار ڪري جاچ ڪرائي ڌيءَ کي بازياب ڪرائي وڃي. ان جي ڳالهين موجب ته ڌيءَ کي ڪجهه نوجوانن حراسان ڪيو آهي، هڪ ڇوڪري شائسته مشوري ڌيءَ کي گهر جي دروزاي وٽ ڇڏڻ ايندي هئي ان جي به جاچ ڪرائي وڃي.هوڏانهنرحمت پور ٿاڻي جي حد ڀينس ڪالوني واري علائقي مان 18 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿي ويل 14 ورهين جي اٺين جماعت جي شاگردياڻي دعا شمائلا بروهي جي بازيابيءَ لاءِ سندس وارثن طرفان سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ وڪيلن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ شاگردياڻي جي امڙ رفعت ياسمين بروهي،وڪيل عبدالستار هليو، ايڊووڪيٽ سلميٰ ڀٽو، فيروز علي، عبدالرئوف ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

ايس ايس پي چوي ٿو سي ڊي آر بند آهي، ڇا سي ڊي آر بند ٿيڻ سان ڌيءُ بازياب نه ٿيندي؟: والد

لاڙڪاڻو: شاگردياڻي جي والدين جو چوڻ هو ته ايس ايس پي چوي پيو ته توهان جي بدقسمتي آهي جو سي ڊي آر بند آهي جنهن ڪري دير ٿي آهي ڇا سي ڊر آر بند ٿيڻ سان منهنجي ڌيءَ بازياب نه ٿيندي. منهنجي آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي کي اپيل آهي ته خدارا منهنجي نياڻي کي آزاد ۽ بازياب ڪرايو وڃي.