لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي نوان تڪ واري علائقي مان 3 ڏينهن اڳ هندو نوجوان سني پٽ پهلاج راءِ پر  اسرار نموني گم ٿي ويو هو، جنهن جي خبر ٽائيم نيوز تي نشر  ٿيڻ سان وارثن کي ملي ويو آھي. ان موقعي تي پهلاج راءِ جو چوڻ ھو ته سني ٽي ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تان ريل تي چڙھي سکر ويو هو، جيڪو سکر جي گهنٽا گهر واري علائقي مان هٿ اچي ويو آھي. وارثن واکاڻ ڪندي چيو ته ٽائيم نيوز تي خبر هلڻ سان سني رابطو ڪيو ته آءُ دوست وٽ ترسيل هئس، جنهن کانپوءِ سکر پهچي سني کي پاڻ سان گڏ لاڙڪاڻي وٺي آيا آھيون سندس مٽن مائٽن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آھي.