لاڙڪاڻو (رپورٽ : نادر ابڙو) لاڙڪاڻو باءِ پاس تي قائم هوٽلن تي هڪا بار ۽ آئيس جو نشو هلڻ ڪري موالين جا شهرين سان منهن ماري ۽ جيهڙي جا واقعا وڌي ويا آهن، سڄاڻ ڌرين منظور شيخ، رستم شيخ، نظر محمد مڱريو، نذير احمد نائچ، صغير گاد  دانهيدي چيو ته مري باءِ پاس، رتوديرو باءِ پاس، اوٺا باءِ پاس ،ڏهوٽ باءِ پاس، لهر باءِ پاس وٽ قائم هوٽلن تي آئيس سميت هڪا بار هلي رهيا آهن،  جن خلاف پوليس ڪو به نوٽيس ناهي ورتو.هنن چيو ته ايس ايچ اوز منشيات وڪرو ڪندڙ ۽ هڪا بار هلائيندڙن هوٽل مالڪن  سان ڀاڱي ڀائيوار آهن، نوجوان نسل تباهه ڪناري تي پهچي ويو آهي.ٻئي طرف ايس ايچ او خادم مگسي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اهڙي ڄاڻ اسانکي نه ملي آھي وڌيڪ باء پاسن تي قائم هوٽلن جي جاچ ڪئي ويندي.