لاڙڪاڻو/ نئون ديرو/ڏوڪري/ قمبر (نمائندن وٽان)  پيپلز يوٿ سٽي نئون ديرو پاران پيپلز پارٽي آفيس ۾ شهيد راڻيءَ جي تصوير آڏو گل رکي ميڻ بتيون ۽ ڏيئا ٻاري زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي.پيپلز يوٿ سنڌ جي صدر ۽ وڏي وزير جي خاص معاون جاويد ناياب لغاري، سهراب مري، سيد ارشد راشدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.هوڏانهن پيپلز يوٿ ضلعي لاڙڪاڻي پاران شهر جي جڳ چوڪ کان پيپلز پارٽي سٽي نئون ديرو جي آفيس تائين مشعل بردار ريلي پڻ ڪڍي وئي.پيپلزپارٽي ڏوڪري جي صدر منير احمد سوهو ۽ جنرل سيڪريٽري علي ڏنو خان گاڏهي طرفان المدينه رائيس مل تي ميڻ بتيون ٻاري گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي.قمبر جي ڀٽو چوڪ تي پ پ جي سينئر ورڪر محمد ايوب ٻرڙو طرفان شھيد راڻي بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاء تصوير رکي ڏيئا ٻاري سرخ سلام  پيش ڪيو ويو ۽ شھيد جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ڪرائي وئي. پيپلز پارٽي سٽي لاڙڪاڻو پاران بينظير ڀٽو جي ياد ۾ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مشعل بردار ۽ ڏيئا ٻاري پيپلز سيڪريٽريٽ ڪينڊي آفيس کان رائل چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي.