لاڙڪاڻو ڊويزن جي اڳوڻن مڪاني ادارن جي نمائندن ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

0
298
لاڙڪاڻو ڊويزن جي اڳوڻن

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو ڊويزن جي اڳوڻن مڪاني ادارن جي نمائندن ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ اڳوڻي ميئر، ڊسٽرڪٽ ڪائونسلز جي چيئرمين، يوسيز چيئرمين ۽ بلدياتي نمائندن طرفان وڏي پئماني تي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آھي

نئون ديرو، ڳڙهي خيرو ۽ ٺل جا مڪاني ادارا ساڍا 65 ڪروڙ جي خرچن جا دستاويز ڏيڻ ۾ ناڪام، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لاڙڪاڻو ميونسپل 130 سيڪڙو مهانگي اگهه تي انرجي سيور خريد ڪيا، قمبر،  ڪنڌڪوٽ، باڊهه ۽ خانپور ڪائونسلز جي خزاني مان 89 ملين جون شڪي ادائگيون ٿيون

ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو طرفان ضابطن جي اُبتڙ 24 لک رُپيا ملازمن ۾ ورهايا ويا، ترقياتي ڪمن جي مد ۾ قومي ناڻي کي 221 ملين جو نقصان پهچايو ويو، ڳڙهي خيرو، ميرو خان، قبو سعيد خان ۽ رتوديرو ۾ ملازم هجڻ باوجود 40 ملين رُپيا ڏئي ڪچرو کڻڻ ۽ صفائي جو ڪم ڪرايو ويو، سلائي مشينز، هينڊ پمپ ۽ چنگچي رڪشا ورهائڻ جي اسڪيمز ۾ به گهوٻين جو انڪشاف  ٿيو آھي