لاڙڪاڻو (بيورورپورٽ) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگراني هيٺ ڪالهه ٻارهين جماعت جي زولاجي ۽ باٽني جا پيپر ورتا ويا جتي سمورن امتحاني سينٽرن ۾ سواليه پيپر اميدوارن جي هٿن ۾ اچڻ شرط سينٽرن ۾ ڪاپي جي ڌم متل رهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ سينٽرن ۾ مقرر انويجيليٽر بي وس نظر آيا. هوڏانهن امتحاني سينٽرن ٻاهريان اميدوارن جي مٽ مائٽن، دوستن توڙي ٻين واسطيدار ماڻهن جي رش رهي جيڪي ڪجهه پئسن عيوض حل ٿيل پرچو امتحاني سينٽرن ۾ پهچائي رهيا. فوٽو ڪاپي اسٽيٽ مشين تي پابندي لاڳو هئڻ باوجود سڄو ڏينهن ڪاپي جو مواد فوٽو اسٽيٽ ٿيندو رهيو. وجيلنس ٽيمن ٻنهي پيپرن دوران لاڙڪاڻي ضلعي مان 37 ۽ 8 متبادل اميدوارن، قمبر شهدادڪوٽ ضلعي مان 49 ڪاپي ڪيس ۽ 5 متبادل اميدوارن، شڪارپور ضلعي مان 23 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ۽ هڪ متبادل اميدوار، جيڪب آباد ضلعي مان 8 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ۽ 3 متبادل اميدوارن، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان 20 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ۽ 4 متبادل اميدوارن کي ۽ دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ڪي اين شاهه ۽ ميهڙ مان 11 اميدوارن کي ڪاپي ڪندي سوگهو ڪيو.