لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ سڀا پاران سنڌ جي معصوم نياڻي پريه ڪماري جي بازيابي لاءِ شهر جي جناح باغ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي شاهه رخ سولنگي، عبدالجبار جتوئي، ڪاشف سمون، صائمه کوسو، وحيد مهيسر ۽ ٻين چيو ته ٽي سال اڳ سکر جي سنگرار شهر مان 10 محرم الحرام جي ڏينهن سبيل هلائڻ دوران پريه ڪماري کي اغوا ڪيو ويو، فوري طور سنڌ جي معصوم نياڻي پريه ڪماري کي بازياب ڪرائي سنڌ وارثن مان ڇانيل پريشاني ۽ بيچيني ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس مظاهري ۾ شامل ٻن ڄڻن عبدالجبار جتوئي ۽ وحيد مهيسر کي حراست ۾ وٺي مارڪيٽ ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.