لاڙڪاڻو: ٻٽي قتل جي جوابدار جو اعترافي بيان سامهون اچي ويو!!

0
387

لاڙڪاڻو: ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پاران پنهنجي گهر واري ۽ نوجوان کي ڇريون ۽ سِروٽا هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ گرفتار جوابدار الهه رکيو ڀٽي کي رحمت پور ٿاڻي جي پوليس هڪ ڏينهن جو ريمانڊ پورو ٿيڻ تي ٻيهر فورٿ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو. جتي پوليس وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت پاران جوابدار الھ رکيو ڀٽي کي 13 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. ياد رهي ته جوابدار الھ رکيو ڀٽي پنهنجي گهرواري مسمات فرزانه ۽ سيوهڻ واسي نوجوان طارق سيال کي چريون ۽ سروٽا هڻي قتل ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ڪاروائي ڪري اتاترڪ ٽاور وٽان جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، اهڙو ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل ڪيو ويو هو. جوابدار الھ رکيو ڀٽي پوليس کي پنهنجي اعترافي ويڊيو ۾ چيو آھي ته ان ڏينهن طبيعت ٺيڪ نه هجڻ ڪري گهر ۾ آرام ڪري رهيو هئس ته گهرواري جو چاهيندڙ طارق سيال گهر جي ڀت ٽپي آيو جنهن کان پوءِ ٻنهي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ۽ طارق سيال ڇري کڻي مون کي مارڻ لڳو، منهنجا ٻئي هٿ ڇري ۾ پئجي ويا جنهن تي اها ئي ڇري کسي هن کي هنئي ته گهرواري به مون کي گهٽا ڏيڻ لڳي ته ان کي به ڇريون هڻي ماري ڇڏيو.