لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ شيخ زيد وومين اسپتال ۾ نرسن کي سپروائيزر طرفان هراسان ڪرڻ جو انڪشاف، الزام هيٺ آيل سپروائيزر کي ٻيهر مقرر ڪرڻ خلاف نرسن ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال ٻاهران متاثر نرس شهناز سولنگي پنهنجي ساٿي نرسن شهزادي، عابده، فرح ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته شيخ زيد وومين اسپتال ۾ شام جي شفٽ ۾ مقرر سرپروائيز الهنواز مڱڻ نرسن کي ڊيوٽي بهاني مختلف طريقن سان ٽارچر ڏئي بليڪ ميل ڪري جنسي طور هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مون کي به هراسان ڪري ٽارچر ڪيو، اهڙي شڪايت چيف اسٽاف نرسنگ فريده شيخ ۽ وزيران ڪلهوڙو کي ڏني جن طرفان چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ کي لکت ۾ اهڙي معاملي جي درخواست ڏني جنهن تي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي سپروائيزر الھ نواز مڱڻ کي هٽائي ڇڏيو جنهن معاملي جي انڪوائري مڪمل نه ٿيڻ ۽ رپورٽ اچڻ کان اڳ ساڳي ئي سپروائيزر الھ نواز مڱڻ کي ساڳي هنڌ مقرر ڪيو ويو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل سپر وائيزر الھ نواز مڱن جو مسلسل نمبر بند هجڻ ڪري رابطو نه ٿي سگهيو .ايم ايس ڊاڪٽر مبشر ڪولاچي رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو انڪوائري هلندڙ آهي وومين اسپتال جو سپروائيزر الھ نواز مڱڻ معطل آهي جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون