لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ هندو برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ 200 سالا قديمي شيوالي جي مُک دروازي کي ڊاهي اڏاوت ڪرڻ واري معاملي تان ڇڪتاڻ، ڌرين جا هڪٻئي مٿان سنگين الزام، خبر موجب شهر جي رائل روڊ تي قائم هندو ڌرم شالا جي 200 سالا قديمي شيوالي جي مُک دروازي کي مبينا طور ڊاهي اڏاوت ڪرڻ واري معاملي تان هندو برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار کان پوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي. الزام هيٺ آيل مٺائي جو دوڪان هلائيندڙ دليپ ڪمار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجي ڏاڏي اڌو مل 80 سال اڳ لاڙڪاڻي شهر جي رائل روڊ تي 900 چورس فوٽ کان وڌيڪ ايراضي اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ وارن کان وقف ڪرائي اتي مٺائي جو دوڪان هلائي روزگار ڪندو هو، جنهن جي ديهانت بعد مون 1995ع ۾ اها پراپرٽي پنهنجي نالي تي ڪرائي، جنهن ۾ هڪ مٺائي جو دوڪان ۽ گودام ٺهيل آهي ۽ ان وقت مون اويڪيو ٽرسٽ وارن کان اجازت وٺي نئين سر اڏاوت ڪرائي، هن الزام لڳايو ته ڄاڻايل دوڪان ۽ گودام جي نئين سر اڏاوت ڪرڻ لاءِ مون پهرين سيپٽمبر تي اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ سکر جي انتظاميا کا اجازت ورتي ۽ ڪالهه شيوالي جي مُک دروازي وٽان پنهنجي دوڪان جي اڏاوت شروع ڪئي ته هندو پنچائت لاڙڪاڻو جي چيئرمين هريش لال، ولي رام ۽ جئي ڪمار وارن پهچي مون سان مزاحمت ڪري اڏاوت ڪرڻ نه ڏني ويتر مون مٿان قبضي جو الزام لڳايو، هن چيو ته اهڙي معاملي جو اطلاع مون اوقاف کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي ڏنو جنهن تي اوقاف کاتي جي عملدارن پهچي اڏاوتي ڪم جو معائنو ڪري هندو پنچائت جي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪئي پر هنن عملدارن جي ڳالهه نه ٻڌي، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي الزام لڳائيندڙ هندو پنچائت جي اڳواڻن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻئي پاسي هندو پنچائت لاڙڪاڻو جي چيئرمين هريش لال  ڳالهائيندي چيو ته دليپ سوئيٽ جو دوڪان اوقاف کاتي جو آهي ۽ اوقاف کاتو هندون جي ملڪيتن جو رکوالو آهي، دليپ ڪمار پاڻ ڪرائيدار آهي ۽ ان جو شيوالي جي دروازي جي چئني ڀتين سان ڪو به واسطو ناهي، ڇاڪاڻ ته شيوالي جي دروازي وٽ دڪان جو گودام آهي، ان ڪري پوچا پاٽ لاءِ ايندڙ هندو برادري جي ماڻهن کي مشڪلاتون پيش اچن ٿيون، جنهن تي ڪالهه اسان دليپ ڪمار کي چيو ته هو سٽي سروي موجب اڏاوت ڪري پر هن اسان جي ڳالهه نه مڃي، جنهن بعد اوقاف کاتي جي عملدارن پهچي معائنو ڪيو، جن کان اسان ثبوت گهريا پر اهي ثبوت ڏئي نه سگهيا ۽ ٻن ڏينهن جي مهلت گهري، بعد ۾ مارڪيٽ ٿاڻي جي ايس ايچ او به اڏاوت کان منع ڪئي پر ان جي باوجود دليپ ڪمار شيوالي جي دروازي کي ڀڃي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ان سان هندو برادري جي دل آزاري ٿي آهي.