لاڙڪاڻو: نئون بلدياتي نظام، مڪاني ادارن جي تڪبندين وارو گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري

0
148
لاڙڪاڻو: نئون بلدياتي نظام

لاڙڪاڻو(ن پ ا) سنڌ ۾ نئون بلدياتي نظام جي حوالي سان سنڌ سرڪار طرفان مڪاني ادارن جي تڪبندين وارو گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

پ پ جي سياسي ڳڙھ لاڙڪاڻي شهر ۾ وڏي تبديلي ڪري يوسيز کي 4 ٽائونز۾ ورهايو ويو جڏهن ته ميونسپل ڪارپوريشن ۽ 20 يونين ڪميٽيز برقرار رکيون ويون آهن

گزيٽ نوٽيفڪيشن موجب سچل، دڙي، ائمپائر ۽ حيدري جي نالن سان شهر ۾ 4 يونين ڪميٽيز ٺاهيون ويون ۽ هر ٽائون ڪميٽي 5 يونين ڪميٽيز تي ٻڌل هوندي

شهر واري باءِ پاس جي اندر ايندڙ ڪيترائي ڳوٺ ۽ علائقا به ميونسپل ڪارپوريشن جو حصو ٿي ويا، ضلعي جي 47 يونين ڪائونسل تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي برقرار رکيو ويو آهي

ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ ضلعي جي ٻهراڙي وارا علائقا به شامل ڪيا ويا آهن، نئون ديرو ۽ رتوديرو شهر ساڳئي ريت ميونسپل ڪميٽيز تي برقرار رهندا، باڊهه، ڏوڪري، ڳيريلو ۽ خير محمد آريجا کي ٽائون ڪميٽيز طور برقرار رکيو ويو، تعلقي تي ٻڌل باقراڻي شهر کي هن ڀيري به ٽائون ڪميٽي جو درجو نه ملي سگهيو