لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) وائيس چانسلر شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر جو دورو ڪيو، جتي مختلف شعبا گهمي  بعد ۾ هن ڇوڪرين جي  هاسٽل پڻ گهمي، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وائيس چانسلر هدايتون ڏنيون هيو ته چوڪرين واري هاسٽل ۾ ديوارون بلند ڪيون وڃن ۽ اتي خاردار تارون لڳايون وڃن ۽ اهڙا قدم چانڊڪا ڪاليج ۾ پڻ کنيا ويا آهن، جنهن تي وائيس چانسلر اطعمنان جو اظهار ڪيو ۽  ڪاليج انتظاميا کي هدايتون جاري ڪيون ته چوڪرين جي هاسٽل ۾ فوري طور هڪ ڊسپينسري شروع ڪئي وڃي، ان کانپوءِ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو غلام محمد مهر ڪاليج جي نئين جڙندڙ عمارت جو جائزو پڻ ورتو، جتي کين بريفنگ پڻ ڏني وئي، وائيس چانسلر هدايتون ڏيندي چيو ته هاسٽلن جو ڪم جلد کان جلد پهرين ترجيح طور مڪمل ڪيو وڃي.