لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جو بجيٽ اجلاس چيئرمين اعجاز لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مالي سال 25-2024ع جي بجيٽ پيش ڪئي وئي. بجيٽ دستاويزن موجب نئين مالي سال جي تجويز ڪيل آمدني هڪ ارب 20 ڪروڙ 74 لک 78 هزار 482 روپيا ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو. جڏهن ته ڪل خرچ هڪ ارب 20 ڪروڙ 24 لک 71 هزار 198 روپيا ٿيڻ جو امڪان آهي، اهڙي طرح بجيٽ ۾ 50 لک 7 هزار 284 روپين جي بچت ڏيکاري وئي آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ غيرترقياتي خرچن لاءِ 59 ڪروڙ 24 لک 71 هزار 198 روپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته ترقياتي خرچن لاءِ 61 ڪروڙ روپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. پگهارن ۽ پينشن لاءِ 40 ڪروڙ 44 لک 41 هزار 198 روپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. جڏهن ته آڪٽراءِ ضلعي ٽيڪس جي شيئر جي مد ۾ 52 ڪروڙ 47 لک 12 هزار روپيا رکيا ويا آهن. گذريل سال ان ڏس ۾ 26 ڪروڙ 90 لک 80 هزار روپيا رکيا ويا هئا. آفيس جي اسٽيشنري، بلن جي ادائيگي، گاڏين جي مرمت ۽ ٻين خرچن لاءِ 79 لک روپيا رکيا ويا آهن. جنرل برانچ لاءِ 50 لک، اڪائونٽس برانچ لاءِ 4 لک 50 هزار، ٽيڪسيشن برانچ لاءِ 2 لک ۽ انجنيئرنگ برانچ جي خرچن لاءِ 3 لک مخصوص ڪيا ويا آهن. غريبن جي مالي مدد، نياڻين جي ڏاج، شاگردن، اقليتن، نوجوانن، ٽرانسجيڊر، معذور جي ڀلائي لاءِ 15 لک روپيا رکيا ويا آهن، حڪومت جي ادائيگين لاءِ 7 لک 50 هزار روپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، ملازمن جي پينشن گريجوئيٽي، بجلي، ٽيليفون جي بلن ۽ ٻين شين لاءِ هڪ ڪروڙ 36 لک 20 هزار روپيا رکيا ويا آهن، ڊي واٽرنگ مشينن ۽ پمپنگ جي خريداري لاءِ 25 لک، نلڪن ۽ واٽر ڪولر جي خريداري لاءِ 10 لک، يونين ڪائونسلن ۾ صفائي لاءِ لوڊرن جي خريداري لاءِ هڪ ڪروڙ 50 لک، سولر لائيٽس جي خريداري لاءِ 12 ڪروڙ، ٻئي مشينري لاءِ 17 لک روپيا مخصوص هوندا. مشينن جي مرمت ۽ فرنيچر لاءِ 10 لک رکيا ويا آهن. دوائن جي خريداري، مڇر مار اسپري، وڻن جي سار سنڀال ۽ نوان ٻوٽا پوکڻ لاءِ 6 لک 60 هزار روپيا رکيا ويا آهن. يونين ڪائونسلن جي روڊن رستن لاءِ 61 ڪروڙ روپيا مخصوص ڪيا ويا آهن، يوسيز ۾ سولر لائيٽس جي اسڪيم لاءِ 10 ڪروڙ روپيا، آر او پلانٽس لاءِ سنڌ حڪومت کان 35 ڪروڙ روپين جي اسڪيم منظور ڪرائي وئي آهي، ان کان علاوه ضلعي ڪائونسل جي نئين بلڊنگ جي تعمير لاءِ پ پ پ قيادت 20 ڪروڙ روپين جي بجيٽ منظور ڪئي آهي. ضلعي چيئرمين چيو ته يونين ڪائونسلن جي سطح تي ڪاروباري سرگرمين جي سروي شروع ڪرائي وئي آهي انهن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ کان پوءِ صنعتي ادارن، ڪاروباري مرڪزن، هوٽلن، شادي هالن، سيلرن، پئٽرول پمپس، پولٽري فارم موبائيل ٽاور،مال جي واڙن، ڪارواش شاپ، سرن جي ڀٺن تي ٽيڪس لڳائينداسين.ويندي. ان کانسواءِ موبائيل ٽاورس ۽ پئٽرول پمپن جي اين او سي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار روپيا فيس مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي، ان کانسواءِ مال پڙين تي به ٽيڪس لڳندي. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي المصطفيٰ شاپنگ سينٽر جي 10 دوڪانن جي مسواڙ 3 هزار روپين مان وڌائي 10 هزار روپيا ڪئي وئي آهي. رتوديرو ۾ ٺاهيل دوڪانن جي ماهوار مسواڙ 2 هزارن روپين مان وڌائي 26 هزار مقرر ڪئي وئي آهي جنهن مان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي سالياني 11 لک 28 هزار روپين جي آمدني ٿيندي، ميروخان چوڪ تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي 35 دوڪانن ۽ آر او مشين جي مسواڙ 4 لک 84 هزار روپيا ملندي هئي جيڪا هاڻي في دوڪان تي 28 هزار روپيا ورتي ويندي. اجلاس ۾ سمورن ميمبرن هٿ مٿي کڻي بجيٽ جي منظوري ڏني ۽ بجيٽ تقريرن جي واکاڻ ڪئي. ان بعد چيئرمين ڳالهائيندي چيو ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي نئين بلڊنگ تعمير ڪرائي ويندي ۽ هي بلڊنگ ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي حوالي ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته هي بلڊنگ 100 سال کان به اڳ تعمير ٿيل آهي. هن اهو به چيو ته تمام جلد پيئڻ جو مٺو پاڻي جا فلٽر آر او پلانٽ ۽ واٽرسپلائي جون اسڪيمون ڏنيون وينديون ته جيئن عوام کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه اچي. ان سان گڏوگڏ صفائي لاءِلوڊر، باهه وسائڻ جون گاڏيون ورتيون وينديون ۽ ان سان گڏ 2 ايمبولينس پڻ ورتيون وينديون. بجيٽ متفق راءِ سان سڀني ميمبرن هٿ مٿي کڻي پاس ڪئي. اجلاس ۾ ايم پي اي عزيز جتوئي، نادرکوسو ۽ ٻين جي وفات تي فاتح پڻ پڙهي وئي ۽ دعاگهري وئي.