لاڙڪاڻو: سنڌ پوليس جون ورديون پائي وارداتون ڪندڙ جوابدار گرفتار

0
541

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پنجاب پوليس جو شڪارپور ۾ ڇاپو، سنڌ پوليس جون ورديون پائي وارداتون ڪندڙ جوابدار گرفتار، راجن پور پوليس شڪارپور ۾ ڇاپو هڻي خالد ولد حسين بخش بروهي کي گرفتار ڪيو، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خالد جو گروهه سنڌ پوليس جون ورديون پائي روجهاڻ ۾ وارداتون ڪندو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار وٽان ڦريل ۽ لٽيل لکين رپيا به هٿ ڪيا ويا آهن.