لاهور (م ڊ) لاهور ۾ 15 ورهين جي ڇوڪري پنهنجي 14 ورهين جي دوست کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، جوابدار نينگر ٻڌايو ته دوست کي تعمير ٿيندڙ هڪ گهر ۾ وٺي وڃي قتل ڪيو ۽ پوءِ پاڻ ئي مسجد ۾ دوست جي گمشدگي جا اعلان ڪرائيندي سندس وارثن سان گڏ ڳوليندو رهيو، جوابدار کي لاش ڀرسان پيل سندس ٽٽل عينڪ تان پڪڙيو ويو، پوليس موجب جوابدار ان ڇوڪري سان شادي ڪرڻ پئي چاهي، جنهن سان سندس مقتول دوست جي شادي طئي ٿيل هئي، قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.