نيو يارڪ (م ڊ) گڏيل قومن چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) افغان حدن مان پاڪستان ۾ حملا ڪري سگهي ٿي. گڏيل قومن جي مانيٽرنگ ٽيم 28هين رپورٽ سلامتي ڪائونسل ۾ جمع ڪرائي آهي، جنهن ۾ القاعدا، داعش ۽ ٻين شدت پسند گروهن مان خطرن جو جائزو به پيش ڪيو ويو آهي. تجزيي نگارن يو اين رپورٽس کي ڏسندي پاڪستان جي خدشن کي جائز قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان گذريل سال انهن شدت پسند تنظيمن کي ڀارتي مدد جا ٺوس ثبوت شيئر ڪيا هئا. قومي سلامتي معاملن بابت صلاحڪار معيد يوسف پڻ 23 جون تي لاهور ڌماڪي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا واضح ثبوت پيش ڪيا هئا.