لاهور(اسپورٽس نيوز)  لاهور قلندرز ملتان سلطانز کي 52 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پي ايس ايل جي 17 هين ميچ ۾ لاهور قلندرز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون. فخر الزمان 60، محمد حفيظ 43 ۽ ڪامران غلام 42 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ملتان طرفان انور علي، شاهنواز ڏاهاڻي، عباس آفريدي ۽ عمران طاهر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ملتان سلطانز جي ٽيم  19.3 اوورن ۾ 130 رنسن تي ڍير ٿي وئي. صهيب مقصود 29 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. لاهور طرفان زمان خان 3، شاهين آفريدي، راشد خان ۽ حارث رئوف 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو.