اسلام آباد (م ڊ) لاهور – اسلام آباد موٽر وي تي ڪلر ڪهار ڀرسان بس اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 24 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. موٽر وي پوليس موجب حادثي جو شڪار بس راولپنڊي کان لاهور وڃي رهي هئي ته ڪلر ڪهار وٽ سالٽ رينج جي علائقي ۾ بريڪ فيل ٿيڻ سبب اونڌي ٿي وئي. فوتي مسافرن ۾ 3 عورتون ۽ ٻه ٻار به شامل آهن، حادثي جو اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 ۽ پوليس امدادي ڪارروائي ڪري متاثرن کي اسپتال منتقل ڪيو.