صوفي فقير (ن پ ا ) صوفي فقير  ڀرسان راجا رستي جي نوجوان ڪرشن ڀيل سھري پاران زال کسڻ خلاف صحافين آڏو احتجاج ڪيو، ڪرشن ڀيل دانهيندي چيو ته سھرو رمون ڀيل گھر واري نينون کي وٺي گم ٿي ويو آهي، 9 مھينا اڳ منهنجي شادي ٿي ھئي، ھن چيو ته خدشو آهي ته منھنجو لالچي سھرو گھر واري کي پئسن عيوض ٻي ھنڌ وڪرو ڪري  ڇڏيندو، ھن اپيل ڪئي ته سھري خلاف ڪارروائي ڪري زال واپس ڏياري وڃي.