ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۾ شامل قومپرست پارٽين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪالهه سئو کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ان ڏس ۾ هالا پوليس جي وڏن اٽالن ڇاپا هڻي ايس يو پي مٽياري ضلعي جي صدر ڪامريڊ انور علي ٻرڙو ۽ جسقم جي ضلعي صدر ڪامريڊ عبدالرشيد ڏيٿو کي گرفتار ڪندي هالا ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو. ڪڙيوگهنور پوليس ايس ٽي پي جي هارون شيخ، جسقم جي نيڪ محمد نظاماڻي، نورمحمد خاصخيلي، امان الله مهيري، چنيسر مهيشوري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. بدين ۾ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور ۽ جاويد منڌرو ٻڌايو ته ضلعي جي مختلف شهرن مان شهرن مختيار چانڊيو، لعل ڀيل نيڪ محمد، امير حسن رائوڙ، راجا ٿيٻو، شاھد انصاري، نظير مري، عبدالستار آرائين، احسان علي عمراڻي، رجب عمراڻي، الھڏنو ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ميرپور ساڪرو ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ اياز لاشاري، صالح ملاح جسقم اڳواڻ جمشيد ھديو کي گرفتار ڪيو ويو آهي.گھارو ۾ رات دير سان جسم اڳواڻ رياض ناھيو، ايس ٽي پي جي روي ڪمار کي گرفتار ڪيو ويو. ٻئي پاسي جسم اڳواڻ غلام نبي کٽي کي ضمانت باوجود گرفتار ڪري ٻيھر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن تي عدالت ايس ايچ او ڌاٻيجي کي طلب ڪري ورتو ۽ غلام نبي کٽي ۽ رياض ناھيون ۽ روي مھيشوري جون ھٿڪڙيون کولي کين آزاد ڪري ڇڏيو. ملير ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف گڏاپ ٿاڻي تي داخل ڪيل 23 ڪيسن بعد گذريل رات دير سان گڏاپ پوليس بحريا ٽائون خلاف مزاحمت ڪندڙ ڪردار چاچا فيض محمد گبول جي ڳوٺ نور محمد گبول تي چڙهائي ڪري فيض محمد گبول جي پوٽي امام بخش گبول ۽ ويجهي عزيز محمد عثمان گبول کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف گڏاپ پوليس عطامحمد گبول ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ڳوٺ جي چڱي مڙس عطا محمد گبول کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، ٽنڊوباگو پوليس ترقي پسند هائوس تي چڙهائي ڪئي پر ڪوبه اڳواڻ يا ڪارڪن هٿ نه آيو. پوليس شهر مان ٻن نوجوانن بلاول ڀان ۽ محبوب خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته۾قومي عوامي تحريڪ ۽ مرزا گروپ پاران دلبر سنڌي ۽ جمن شاھ جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ٺٽو پوليس ضلعي جي مختلف شهرن ۾ قومي ڪارڪنن جي گرفتارين لاءِ ڪريڪ ڊائون ڪندي ڇاپا هڻي 17 کان مٿي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ ستاف ضلعي صدر بشير جوکيو، رمضان خاصخيلي، جاويد جانوري، رجب خاصخيلي، تنوير خاصخيلي، جمال تارو، حنيف چاچڙ، اسلم پالاري، لکاڏنو سولنگي، مصطفيٰ درس، ملوڪ ڦل، صالح ملاح ، درياءَ خان جت سميت مختلف سياسي پارٽين جا ڪارڪن شامل آهن. ٽنڊوڄام ٿاڻي تي جج ڇاپوهڻي بنا داخلا جي لاڪ اپ ڪيل ٽي قومي ڪارڪن آزاد ڪرايا. حيدرآباد جي سول جج ٽنڊوڄام ٿاڻي تي اچانڪ ڇاپو هنيو، ڇاپي ۾ ايس ٽي پي ٽنڊوڄام سٽي جو صدر شاهنواز جمالي، عامر خاصخيلي ۽ هڪ ٻي ڪارڪن کي بنا داخلا رکڻ تي آزاد ڪيو ويو. قاضي احمد پوليس مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھڻي قومپرست اڳواڻن ۽ ھڪ صحافي سميت 6 کان وڌيڪ نوجوانن صحافي جاويد سيال، جسقم جي اسلم سوڍر، اعجاز خاصخيلي، بابو سونارو، پ پ جي وحيد کوسو کي گرفتار ڪري ورتو. کوسا برادري جي ماڻهن جي مظاهري بعد وحيد کوسي کي ٿاڻي تان کڻي سماٽ شادي حال جي پويان تشدد ڪري کيس اڇلائي ويا. دولت پور صفن پوليس جسقم ۽ سماجي اڳواڻ ڳوٺ سالم کوھي واسي فقير عبدالحڪيم لاکو کي گهران گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ٽنڊوآدم پوليس جسقم اڳواڻ بزرگ ڪامريڊ محمد خان پنهور ۽ ايس يو پي اڳواڻ صدام مري کي سندس گهران گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ٽنڊوجان محمد پوليس جسقم ڪارڪن فيض محمد مياڻو کي گرفتار ڪري ورتو. سنڌڙي مان ايس ٽي پي جي مقامي اڳواڻ ڪامريڊ اڪبر شر کي گرفتار ڪري مٿس پرڏيھي شراب جون 11 بوتلون رکڻ جون سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو. نوشهروفيروز پوليس ڇاپا هڻي ھڪ ڪارڪن مھر وسطڙو کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. پڊعيدن ۾ جسقم اڳواڻن جي گهرن تي چڙھائي جسقم اڳواڻ امجد شيخ ۽ ثناءُ الله لاشاري کنڀي گم ڪيا ويا. ميرپورخاص جي مختلف ٿاڻن تي 22 نامعلوم سميت 35 قومپرست ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ڪري 06 ڄڻن منظور ميمڻ، لالا اظهر، رياض لغاري، اڪبر شر، نياز کوسو، مقصود ڀرڳڙي کي گرفتار ڪيو ويو. سڪرنڊ ۾ پوليس چڙهايون ڪري ايس يو پي جي نائب صدر شهمير خان جمالي کي گرفتار ڪيو، جنهن جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي. کپرو ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي قوم پرست اڳواڻن اڪبر مري، آزاد ڪنڀر ۽ عبدالغني ڪنڀر کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ڦلجي اسٽيشن پوليس قومي اڳواڻن رمضان پهنور، شهباز ملڪ، لالا ظهير سومرو جي گهرن تي چڙهائي ڪئي، جڏهن ته سياسي ڪارڪن گهر ۾ موجود نه هئڻ ڪري پوليس واپس موٽي وئي. سرهاري پوليس ڳوٺ محبت خان مشوري مان ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ علي حسن مشوري، جسقم اڳواڻ پيار علي مشوري ۽ خان مگسي کي گرفتار ڪيو. راڻيپور ۾ پوليس جسقم اڳواڻ مجيب آزاد ڀيلار ۽ شاهنواز سرڪي کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ٺٽي ۾ پوليس چڙهايون ڪري قومي عوامي تحريڪ جا 2 اڳواڻ گرفتار ڪري ورتا، علمدار چوڪ ڀرسان ايس ٽي پي اڳواڻ هوت خان گاڏهي جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو ويو، المصطفيٰ ٽائون فيز ون ۾ ايس يو پي اڳواڻ سميع الله چانڊيو جي گهر تي به پوليس چڙهائي ڪئي، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي گهر ٻاهران به ڪجهه دير لاءِ 3 پوليس موبائيلون بيٺل رهيون. قومي عوامي تحريڪ جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب ڪوٽ غلام محمد مان تعلقي صدر مقصود ڀرڳڙي ۽ ڊگھڙي مان مرڪزي ڪاميٽي جي اڳواڻ ارباب نوحاڻي کي پوليس گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن ٻڌايو ته ڀٽائي نگر، نسيم نگر ۽ قاسم آباد پوليس گڏيل طور علمدار چوڪ ڀرسان ايس ٽي پي اڳواڻ هوت خان گاڏهي جي گهر تي چڙهائي ڪئي پر هو پوليس کي هٿ اچي نه سگهيو جڏهن ته پوليس سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ سميع الله چانڊيو جي گهر تي به ڇاپو هنيو پر هن کي به پوليس گرفتار نه ڪري سگهي. ڄامشورو پوليس ڪارروائي ڪندي ايس يو پي اڳواڻن ساگر جمن بڙدي ۽ محمد قمبراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سيوهڻ مان منصور چنا کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس ڪيترن ئي ڪارڪنن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ايس يو پي اڳواڻ محمد قمبراڻي جي گرفتاري تي سندس گهر واريءَ طرفان مقامي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي جنهن تي عدالتي ڇاپو به لڳايو ويو پر محمد قمبراڻي بازياب نه ٿي سگهيو آهي، ڀٽ شاهه ۾ پوليس 3 قومپرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس شهر جي لطيف ڪالوني مان ايس ٽي پي سان تعلق رکندڙ ٻن ڪارڪنن مور اوڏ ۽ دلبر اوڏ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏھن ته ايس يو پي جي ضلعي اڳواڻ انور خان ٻرڙو کي هالا مان حراست ۾ ورتو ويو آهي. ٽنڊوالهيار جي هر روڊ رستي تي پوليس جا وڏا اٽالا ايندڙ ويندڙ گاڏين کي چيڪ ڪندا رهيا. ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن،بي سيڪشن، پيارولنڊ، نصرپور، چمبڙ ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس وڏي تعداد ۾ قوم پرست ڪارڪنن جي گرفتاري لا۽ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو ۽ وڏي تعداد ۾ قوم پرست ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو. دادو جي اي سيڪشن ، بي سيڪشن ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس جي وڏن اٽالن پاران دادو ۾ مختلف قومپرست پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ايس يو پي جي نياز پنهور ، ترقي پسند پارٽي جي سڄڻ مگسي سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري کنڀي کڻي وئي. پوليس پاران جسقم جي منصور جمالي ، محمد چنو ۽ ٻين اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپا هنيا جيڪي پوليس کي هٿ نه اچي سگهيا. هوڏانهن ٽنڊو رحيم خان ۽ ڀرپاسي ايس ٽي پي چيف آرگنائيزر ڪامريڊ عمر شاهاڻي جي گهر مٿان ٽنڊو رحيم خان پوليس چڙهائي ڪئي، ڪامريڊ عمر جي غيرموجودگي سبب ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي، جڏهن ته ايس ايڇ ٽنڊو رحيم خان امير بروهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مٿان کان اهڙا حڪم مليا آهن. جوهي ۾ پوليس بيمار پيرسن قومي شاعر هارون پنهور کي گهر تي چڙهائي ڪري کنڀي وئي، جڏهن ته ايس يو پي آفيس تي چڙهائي ڪري قومي ڪارڪن خادم باهوٽو ۽ ايس يو پي جي عبدالله کوسو کي گرفتار ڪيو. ٽنهي ڄڻن کي جوهي ٿاڻي اندر لاڪپ ڪيو ويو آهي. شڪارپور ۾ جسقم پاران احتجاج ڪيو ويو. ٺل ۾ قومپرست پارٽين ايس ٽي پي، جسقم ۽ ايس يو پي ڪارڪنن جي گرفتاري لاءِ سندن گهرن تي چڙهايون ڪيون ويون، ڀان سيدآباد ۾ پوليس ايس ايڇ او مظهر نائچ جي اڳواڻي ۾ قومپرست ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ٻن ڄڻن جسقم ڪارڪنن گلزار مڱڻهار ۽ ايس يو پي ڪارڪن ضياء ڪنڀر کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، گرفتار ٿيل ٻنهي قومپرست ڪارڪنن جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي وئي، سيوھڻ ۾ قومي ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪندي پولیس قومپرست ڪارڪنن جي گھرن تي ڇاپا ھڻي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سيوھڻ سوشل فورم جي وقتي چيئرمين مولابخش نوحاڻي ۽ ایس یو پي جي اڳواڻ آزاد منصور چنا, محمد خان سولنگي ۽ جسقم ڪارڪن نثار سولنگي سميت چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ ڏانھن منتقل ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ته مليل ڄاڻ موجب پوليس گرفتار اڳواڻن جي گرفتاري ظاھر نه ڪئي آھي. ٽنڊومحمدخان ۾ ايس ٽي پي پاران اڳواڻن اقبال حاجاڻو جمن ملاح منور سومرو ۽ جسقم اڳواڻ ظهر هاليپوٽو دودو هاليپوٽو کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو . نصيرآباد ۾ گاجي روڊ تان پوليس ٻن قومپرستن جسم ڪارڪن دلدار ايري ۽ ساگر نويد ڪانڌڙو کي گرفتار ڪري کڻي وئي، جهڏو پوليس جسقم جهڏو جي صدر ديشي نياز کوسو کي گرفتار ڪري ورتو، جهڏو جي وارڊ نمبر 9 کوسا پاڙي ۾ پوليس جسقم اڳواڻ ديشي نياز کوسو جي گهر اندر داخل ٿي نياز کوسو کي گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ جهڏو پوليس موجب اسان کي مٿان کان ڪاروائي جو حڪم مليو هو نياز کوسو کي اسان گرفتار ڪري ڪوٽ غلام محمد پوليس حوالي ڪيو آهي. ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي پوليس اٽالن بليدي ڪالوني مان ايس يو پي عهديدار رياض لغاري جي گهر تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪري ورتو، ٻئي پاسي ڊينگاڻ ڀرڳڙي ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ مقصود ڀرڳڙي تي چڙهائي ڪري قومي عوامي تحريڪ تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي صدر مقصود ڀرڳڙي کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي تي بحريا ٽائون واقعي خلاف سرڪاري فرياد تي 6 نامزد قومپرستن رياض لغاري، مقصود ڀرڳڙي، منصور لغاري، زاهد خاصخيلي، برڪت شر نياز کوسو سميت 12 نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. دوڙ مان جسقم اڳواڻ فيروز لغاري جي گھر تي پوليس چڙهائي ڪري کيس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي فيروز لغاري هٿ نه اچڻ ڪري پوليس سندس ڀاءُ بهادر لغاري کي گرفتار ڪري کڻي وئي. جڏهن ته ضلعي اڳواڻ بادل بروهي جي گهر تي پڻ پوليس چڙهائي ڪئي بادل بروهي پوليس کي هٿ نه اچي سگهيو.