اسلام آباد: نواز شريف جي وطن واپسي تي پاڪستان تحريڪ انصاف ردعمل ڏيندي چيو آهي ته قومي مجرم جي وطن واپسي لاءِ انصاف کي دفن ڪيو ويو، پي ٽي آءِ ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته قوم ۾ شعور اچي چڪو آهي ، جنهن ڏوهاري جو احتساب ڪرڻ ۾ نظام انصاف ناڪام آهي ان جو حساب قوم وٺندي، پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته شفاف ۽ آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊ فوري ڪرائي وڃي ان سان ئي ملڪ جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.