قمبر(رپورٽر) قمبر ۾ ڏوهي وارداتن تي ضابطو اچي نه سگهيو، ان سلسلي ۾ پوليس وردي پاتل ڪار سوار هٿياربند باءِ پاس روڊ ڏينهن ڏٺي ڊرائيور سراج ملگاڻي کي يرغمال بڻائي ٽريڪٽر ڦر ڪري ويا، ڊرائيور جو چوڻ هو ته ڪار سوار پوليس وردي پاتل ڦورو يرغمال بڻائي ڪار ۾ ويهاري رشيد وڳڻ ڀرسان ڇڏي ٽريڪٽر ڪاهي ويا، ٻئي واقعي ۾ چور معذور منور  پنهور جي گهر جا تالا ڀڃي سولر پليٽ، بيٽري، پکو سميت سمورو گهر ٻُهاري ويا، متاثر معذور جو چوڻ هو ته گهر ڀاتي مائٽن ڏانهن گهمڻ ويا ته چور ڏينهن ڏٺي سمورو سامان ٻُھاري ويا، پني گذران ڪندو آھيان، چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي. هوڏانهن وڌندڙ بدامني خلاف شهرين ڀٽو چوڪ تي نٽھڻ اس ۾ اياز ميرجت، شوڪت چانڊيو، ارسلان سومرو، ستار مڱڻهار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس جي نااهلي سبب ڦر ۽ چوري جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن، هڪ هفتي اندر سٽي ٿاڻي جي حد مان ڦر ۽ چوري جا 10 کان وڌيڪ واقعا پيش آيا آھن، پوليس ڪنهن به ڏوهاري کي گرفتار نه ڪيو.هنن چيو ته سياسي سفارش تي نااهل پوليس آفيسر مقرر ڪيا ويا آھن جيڪي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران انهن جا ساٿاري بڻيل آھن. پوليس مظاهرين وٽ پهچي منٿون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي 2 ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم ڪرايو، شھرين جو چوڻ هو ته جيڪڏھن امن امان بحال نه ٿيو ته پوليس خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.