قمبر ( رپورٽر) قمبر جي بروهي محلي ۾ پورهيت ارشد بروهي جي 7 سال جي ڌيءَ لاريب بروھي گهر کان کير وٺڻ لاءِ ٻاهر روڊ تي نڪتي ته مٽيءَ سان  ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي هيٺان اچي چيڀاٽجي موقعي تي ئي فوت ٿي وئي،لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ڌريون پاڻ ۾ ويجھا مائٽ ۽ واقعو اتفاقي ھئڻ سبب ڪيس داخل نه ڪرايو ويو ۽ نه ئي وري پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، ٽريڪٽر مالڪ پاران ميڙ کڻي اچڻ بعد نينگري جي والد کين معاف ڪري ڇڏيو.