قمبر(رپورٽر) قمبر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ٻئي ڏينهن به سياسي سماجي  تنظيمن ۽ شهرين جناح باغ کان ريلي ڪڍي ڀٽو چوڪ تي نواب الدين چانڊيو، اياز ميرجت، سراج چانڊيو، پيارل پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس جي نااهلي سبب ڦر ۽ چورين جون وارداتون رڪجي ناهن سگهيون، سٽي ٿاڻي جي حد ۾ هڪ هفتي اندر 15 کان وڌيڪ ڏوهي وارداتون ٿيون آھن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند رستي ويندي ماڻهن کان موبائيل.روڪ رقم ڦر ڪري وڃن ٿا پر پوليس ڪٿي به نظر نه ٿي اچي هڪ طرف مهانگائي سبب جياپو مشڪل بڻيل آھي تہ وري ٻئي پاسي اسان جي مال ۽ ملڪيتن کي ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي. ٻن ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي قمبر مظاهرين وٽ پهچي انصاف جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو