قمبر ( رپورٽر) قمبر جي ڳوٺ ڀاوندا لاکا ۾ قتل ٿي ويل ذواليخان ڏيپر واقعي جو ڪيس صدر ٿاڻي تي سرڪار  طرفان اي ايس آءِ رضا محمد تنيو جي فرياد تي مقتولا جي ڏير اختيار ڏيپر، مور عرف اعظم ڏيپر، واحد بخش ۽ آفتاب ڏيپر مٿان داخل ڪيو ويو، پوليس ٻن جوبدارن اختيار ۽ اعظم ڏيپر کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدارن شروعاتي جاچ ۾ ٻڌايو ته ذواليخان کي ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪيو آھي.