قمبر/ تلهار ( نمائندن وٽان)  قمبر ڀرسان  ڳوٺ محمد علي چانڊيو ۾ڪتن 8 سال جي دعا چانڊيو تي حملو ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي بروقت علاج لاءِ قمبر اسپتال آندو ويو. وارثن جو چوڻ هو ته  نينگري دڪان تان شئي وٺڻ لاءِ گهران نڪتي ته ڪتن مٿس حملو ڪيو. اسپتال انتظاميا موجب ڪتن نينگري جي ٽنگن سميت  جسم جي مختلف حصن جو ماس پٽي شديد زخمي ڪري ڇڏيو آهي، نينگري کي ويڪيسن ڪرڻ سميت سندس علاج ڪيو ويو. هوڏانهن تلهار لڳ ڳوٺ قربان احمداڻي ۾ ڪتي 4سال جي انجلي ڪولهي کي ڏاڙهي  سخت زخمي ڪري وڌو، نينگري جي دانهن تي وارثن  پهچي بچائي ورتو، زخمي انجلي کي طبي امداد لاءِ اسپتال پهچايو ويو، جتي کيس  طبي امداد ڏني وئي، زخمي انجلي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ انڊس اسپتال بدين ريفر ڪيو ويو آهي.