نصيرآباد ( ن پ ا ) اسين هر حال ۾ چونڊ وڙهنداسين، ڪنھن بہ صورت ۾ هٿ نہ کڻنداسين ڀلي ڪيڏيون به ڌمڪيون ملن. اهڙن خيالن جو اظهار پ پ شھيد ڀٽو پاران اين اي 197 قمبر شهدادڪوٽ تي بيٺل اميدوار فرحانا چانڊيو، اين اي 196 ۽ پي ايس 17نصيرآباد وارھ، شھيد ڀٽو جي اميدوار نواب الدين چانڊئي ۽  پي ايس 17نصيرآباد وارھ تي عوامي ورڪرز پارٽي جي اميدوار ڪامريڊ سينگار نوناري، تعلقي پريس ڪلب نصيرآباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هنن چيو ته ميڊيا هائوس تان پنھنجي چونڊ مھم جي شروعات ڪري رهيا آهيون، اسين سمجهون ٿا ته جن گذريل ٻوڏ ۽ مشڪل گھڙين ۾ عوام جي سار سنڀال ڪئي ۽ جيڪي اهڙي ڏکي وقت ۾ عوام کان پري رهيا، تن کي عوام سڃاڻي ٿو، هن وقت سنڌ جا وسيلا تين وال ڪيا پيا وڃن، بجلي، گيس ،پاڻي ڪونهي ، سنڌ  جي اهڙي صورتحال ۾ عوام کي ووٽ جو حق درست استعمال ڪرڻ گهرجي. هنن عوام کي اپيل ڪئي ته 8 فيبروري تي مُڪي ۽ بلب کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا.