قمبر ( رپورٽر) قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ مڪاني چونڊن دوران ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. چانڊيا هائوس ۾پ پ لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر اعجاز جکراڻي، ايم پي اي سردار چانڊيو، ايم پي اي گهنور اسراڻ جي موجودگي ۾ يوسي لشڪري جي آزاد ضلعي ڪائونسل ميمبر غلام عباس چانڊيو، گاجي کهاوڙ ٽائون جي ڪائونسلر عرفان لاڙ، وارهه ٽائون جي ڪائونسلر اوشاق چانڊيو،  نصيرآباد ٽائون جي ڪائونسلر عبدالقادر ڦلپوٽو، حافظ عاشق ڦلپوٽو، بهرام ٽائون جي ڪائونسلر خدابخش کوکر. يوسي عرضي ڀٽو جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر مير محمد ڀٽو سميت ضلعي جي چئن يوسيز جي چيئرمن ۽ وائيس چيئرمين  پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.اعجاز جکراڻي چيو ته مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ نه ملڻ سبب آزاد حيثيت ۾ بيهي ڪامياب ٿيل ڪاوڙيل دوست ٻيهر پنهنجي گهر پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي آھي کين ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو تہ پ پ واحد پارٽي آھي جيڪا عوام جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي هينئر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل .ميونسپل. ۽ ٽائونز جي چيئرمن وائيس چيئرمن جون چونڊون ٿينديون خواهشمند دوست درخواستون ڏين جنهن لاء پارٽي طرفان بورڊ جوڙيو ويو آھي جيڪو اميدوارن جا انٽرويو ڪري فيصلا ڪندو هن چيو ته قمبر ضلعو پ پ جو قلعو رهيو آھي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سميت سمورن ٽائونز ۽ ميونسپل ڪاميٽيز تي پ پ جا چيئرمن ۽ وائيس چيئرمن چونڊجي ايندا.