سيوھڻ (رپورٽ: اشرف عطار) لال شهباز قلندر جي 772 هين ٽن ڏينهن واري عرس جي حوالي سان ٿياريون زور شور سان جاري آهن، ميلي ۾ باقي 2 ڏينهن بچيا آهن، جنهن ڪري قلندر جي پانڌيئڙن لال باغ ۾ ديرا ڄمائي ڇڏيا آهن،   جڏهن ته  29 فيبروري کان 2 مارچ 2024ع تائين جاري رهندڙ ٽن ڏينهن واري عرس مبارڪ دوران پانڌيئڙن جي حفاظت لاءِ پوليس انتظاميا پاران 5 هزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو ويو آهي.   جنهن ۾ رينجرز، انٽليجنس نيٽ ورڪ کي پڻ هائي الرٽ رکيو ويو آهي،  قلندر جي عرس تي ايندڙ لکين پانڌيئڙن کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ 40 عام سبيلن کان علاوه منرل واٽر جي بوتلن جون سبيلون پڻ لڳايون وينديون. ٻئي طرف مليل ڄاڻ موجب ھن عرس مبارڪ جي تقريبن جو باقائده افتتاح  29 فيبروري خميس ڏينهن سنڌ جو گورنر محمد ڪامران ٽيسوري ڪندو, اطلاعات کاتي پاران عرس مبارڪ جي تقريبن جي ڪوريج لاءِ سيوهڻ ۾ ميڊيا سيل قائم ڪيو ويندو. جڏهن ته حيسڪو اختيارين کي عرس مبارڪ دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي . ان حوالي سان چئيرمين شهباز ميلا ڪميٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو علي ذوالفقار ميمڻ چيو آهي ته پانڌيئرن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مناسب انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته   ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ايمرجنسي رسپانس سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن مختلف هنڌن تي طبي امدادي ڪيمپون قائم ڪرڻ سميت گهربل دوائن سان موبائيل ميڊيڪل ڪئمپون پڻ تيار ڪيون پيون، سيڪيورٽي لاءِ مختلف هنڌن تي ڳجهيون ڪيمرائون نصب ڪيون ويون آهن.

 

سيوهڻ ۾ مينديءَ جي رسم ادا، قلندري ڌمال

سيوھڻ: قلندر شھباز جو سالياني ميلي جي موقعي تي ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاهه پاران چئرمين شھباز ميلا ڪميٽي ۽ ڊي سي ڄامشورو جي سفارش تي قلم 144 لاڳو ڪري سيوھڻ ۾ قلندر لال شھباز جي عرس جي ڏينهن ۾ اڙل واھ ھيڊ, لعل باغ ۽ سم نالي سميت ۾ تمام واھن ۾ وھنجڻ ۽ سيوھڻ شھر اندر ڳري ٽريفڪ جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي, جيڪو به قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندو ان جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف ضلعي انتظاميا ڄامشورو قلندر لال شھباز جي عرس مبارڪ جي پھرئين ڏينهن 29 فيبروري تي سموري ضلعي اندر عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سمورن تعليمي ادارن ۽ سنڌ يونيورسٽي مھراڻ يونيورسٽي ۽ لمس ۾ به عرس جي پھرئين ڏينهن موڪل رھندي جنهن جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

 

سيوهڻ:  پندرنھن شعبان واري رات قاضي غلام رسول محلا جي ٻيڙي واري ڪافي مان سيد امداد شاهه جي اڳواڻي ۾ ميندي آڻڻ جي رسم ادا ڪئي وئي جنهن ۾ درگاھ قلندر جي سجاده نشينن سيد محمد شاھ عرف موني شاھ, درگاھ بودلا بھار جي گادي نشينن اختر حسين نقوي, سمير نقوي ۽ شھر جي مختلف ڪافين جي سروگروھن ۽ فقير فقراھن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ھن قديمي مينڌي ۾ پنجاب جي فنڪارائن ثريا خانم ۽ ساٿين قلندري دھمالون ۽ صوفياڻا ڪلام ڳائي خوب داد وصول ڪيو.

واٽر سپلاءِ جو فلٽر خراب، پانڌيئڙن کي پاڻي لاءِ ڏکيائي

سيوھڻ:  واٽر سپلاءِ اسڪيم تي قائم واحد ھلندڙ فلٽر پلانٽ ڪافي مھينن کان خراب حالت ۾ بند پيل آھي پر پبلڪ ھيلٿ انتظاميا ۽ ضلعي انتظاميا ان بابت ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي  ۽ شھرين سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو آھي ته  ڄاڻايل معاملن جو انتظاميا خلاف نوٽس وٺي آر او پلانٽ فعال ڪري شھرين ۽ زائرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ڪيو وڃي.