خيرپور(رپورٽر) خيرپور جي ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي داخل ڳوٺاڻن جي اغوا معاملي جي ٻن الڳ الڳ ڪيسن ۽ ٽنڊومستي خان ٿاڻي تي داخل قتل، ڦر ۽ ڌاڙي جي الزامن هيٺ داخل ٿيل ٽن الڳ الڳ ڪيسن کي پوليس جوابدارن سان مبينا ڏيتي ليتي تي ڪيسن جو اي ڪلاس ۾ نيڪال ڪري ڇڏيو، اهڙي ڄاڻ پوڻ تي خيرپور جي سول جج طرفان ٻٻرلوءِ ۽ ٽنڊومستي ٿاڻي جي ايس ايچ اوز خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿي وضاحت ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.