قبيلائي جهيڙا ۽ جهنگ جو قانون

0
563

ان ڏينهن ڪراچي ۾ هڪ دوست جي فليٽ تي مانجهاندو ڪندي سندس ستين ڪلاس ۾ پڙهندڙ پٽ کان حال احوال ورتم ته سائنس ۾ سندس دلچسپي جو ٻڌي مونکي حيرانگي ٿي.منهنجي حيرانگي ۾ ان وقت اڃان وڌيڪ اضافو ٿيو جڏهن ننڍڙي مريخ تي ويندڙ خلائي مشينن بابت تفصيل سان ٻڌايو ۽ ان چيني راڪيٽ جو به ذڪر ڪيو جنهن کان منهنجو جده سعودي عرب ۾ ويٺل دوست نظر پياسي ايترو گهٻرايل هو جو هن کي ڳڻتي هئي ته ڪٿي اهو خلا مان موٽيل راڪيٽ جدي ۾ سندس گهر ڀرسان نه ڪري پوي. منهنجي دوست جي پٽ اهو به ٻڌايو ته ان راڪيٽ جي ڪرڻ سان چيني خاموش نه ويهندا ۽ خلا ۾ انهن جي موڪليل ٻي مشن ڪامياب وئي آهي جيڪا مريخ تي پاڻي وغيره جي تلاش کان ويندي اتان جا فوٽو پئي موڪلي.ڪجهه ڏينهن بعد ڪراچي کان جڏهن رتيديري واپس پهتس ته مونکي ڊکڻ ڀرسان چانڊيا برادري جي ٻن نوجوانن جي خون جي افسوسناڪ خبر ملي .بعد ۾ خبر پئي ته اهي قومپرست سياست کان ويندي شاعري ۽ علم ادب سان لاڳاپيل سلجهيل نوجوان هئا جن منجهان هڪ جو آواز ته ايترو خوبصورت هيو جو سندس ڪمهلي موت بعد سندس آواز جون وڊيوز گهڻيون شيئر ٿيڻ لڳيون.ان شام اسان ڊکڻ ڀرسان ڪنهن ڳوٺ ۾ تعزيت لاءِ ويل هئاسين ته هڪ ڏهين ڪلاس جو شاگرد مليو جنهن سان حال احوال ڪرڻ جو موقعو مليو پر سندس ڳالهيون ٻڌي مونکي ڏاڍو افسوس ٿيو.ان ڏهين ڪلاس جي شاگرد کي مريخ وغيره تي موڪليل چيني يا آمريڪي مشنن جي ته ڪا خبر ڪو نه هئي پر سندس پنهنجي نصابي ڪتابن جي ڄاڻ پڻ اڻپوري هئي.سندس ڳالهين جو سمورو زور سندن مخالف ذات وارن پاڙي جي ڳوٺ وارن خلاف ڳالهائڻ ۽ انهن کي ڪنهن طريقي سان خوني نقصان پهچائڻ جي تيارين تي هو. سندس سموري سائنس ۽ سموري آرٽس جو مرڪز اهو قبيلائي جهيڙو هو جنهن دوران هو پيدا ٿي وڏو به ٿي ڏهين ڪلاس تائين پهتو آهي پر اهو جهيڙو اڃان ختم ناهي ٿيو..هاڻي هو پنهنجي پڙهائي کان وڌيڪ ڀوتارڪي سياست ۽ قبيلائي جهيڙن ذات پات جي فرق سمجهڻ ۾ گذاري ٿو. ڳالهين بعد هن مونکان پڇيو ته توهان جو ڪنهن ٻي قوم ( ذات) سان جهيڙو هلندو هجي ها ته توهان ڇا ڪندا.مون سندس معصوماڻي سوال تي سادو جواب ڏنو ته معاف ڪري ڇڏيندس ته هن جي چهري تي عجيب تاثر اڀري آيا ۽ هو مهمان نوازي جي ڪري اهو ڪجهه چئي نه سگهيو جيڪو سندس اندر ۾ هو ۽ قبيلائي جهيڙن واري ان ماحول جي تربيت آهر چوڻ چاهي پيو.
ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ صرف هڪ ڏينهن اندر نو ماڻهو قتل ٿيڻ بعد هاڻي اهو بحث نئين سر اڀري آيو آهي ته سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن سبب ڪهڙو ڪهڙو نقصان ٿيو آهي ۽ انهن جهيڙن روڪرائڻ ۾ ڀوتار خاص ڪري اقتداري ڀوتار پنهنجو ڪردار ڇو نه ادا ڪري سگهيا آهن.قانون جي گرفت انهن جهيڙن اڳيان ڇو ڪمزور آهي.انهن سوالن تي سوچيندي مونکي جيڪب آباد جو باني سر جان جيڪب ياد اچي رهيو آهي جنهن انگلينڊ کان اچي سنڌ بلوچستان جي سرحد تي نه صرف نئون شهر اڏيو پر هن ان دور جون ڪيتريون ئي اونداهيون رسمون ختم ڪري ڏيکاريون.جان جيڪب لاءِ مشهور آهي ته هن ڪارو ڪاري رسم کي قبيلائي رسم مڃڻ کان انڪار ڪندي سمورن سخت گير قبيلن جي سردارن کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته اهو سڌوسنئون هڪ عورت جو قتل آهي ۽ جان جيڪب پنهنجي انتظامي يونٽ اندر عورت جو اهو قتل برداشت نه ڪندو.انهن ڏينهن جي لکيل ڪتابن ۾ درج آهي ته ڪڏهن ڪڏهن کيس ڏورانهين علائقي ۾ قتل ٿيل عورت جي خبر ملندي هئي ۽ ڪي مقامي ماڻهو ساڻس گڏ هلڻ جو ست نه ساري سگهندا هئا ته هو پنهنجي محبوب گهوڙي ميسينجر تي چڙهي تلوار کڻي اڪيلي سر ان ڪيس جي جانچ ڪرڻ نڪري پوندو هو.سندس انتظام انگريز سرڪار سبب هلندو هو ۽ انگريزن مان ماڻهو تاراج هئا انهن کي ملڪ نيڪالي ڏئي پنهنجو وطن آزاد ڪرايائون پر جان جيڪب جهڙا تمام ٿورڙا انگريز عملدار هئا جن کي سنڌي ماڻهو اڄ به پنهنجو دشمن مڃڻ لاءِ تيار ناهي.هاڻي به اوهان جيڪب آباد جي بازارن ۾ هليا وڃو ڪنهن نه ڪنهن دڪان تي سندس فوٽو ايئن لٽڪيل هوندو جيئن ماڻهو پنهنجي ڪنهن محبوب شخصيت جو فوٽو لڳائيندا آهن. فوٽو ته ڇڏيو ماڻهو ته ڪوئيٽا روڊ واري مشنري قبرستان ۾ سندس قبر ۽ سندس گهوڙي جي قبر تي احترام وچان ڏيئا ٻاري گل رکي ويندا آهن. جان جيڪب جي انتظامي دور ۽ هاڻوڪي قبيلائي رتوڇاڻ کي ڏسي ذهن ۾ اهو سوال ضرور ٿو اڀري ته جيڪڏهن هڪ صدي اڳ محدود سائنسي ايجادات ۽ محدود نفري سان هڪ انگريز عملدار تمام ڏکين قبيلن کي ڪنٽرول ڪري پئي سگهيو ته پوءِ هاڻوڪي دور جي جديد سائنسي معلومات ۽ تمام تيز گاڏين ۽ جديد اوزارن هوندي ساڳئي علائقي ۾ امن قائم ڪرائڻ ڇو ممڪن ناهي.سنڌ اندر قبيلائي جهيڙا وڌائڻ ۾ شعور جي ڪمي ۽ جهالت سان گڏوگڏ ان ڀوتارڪي نظام جو وڏو هٿ آهي جنهنکي اقتداري سياست هر دور ۾ مضبوط ڪندي آئي آهي.اها ايوب خان جي آمريت هجي يا ڀٽي جي جمهوريت، اها ضياءُ جي آمريت هجي يا بينظير نواز جي جمهوريت ، اها مشرف جي آمريت هجي يا مراد علي شاهه، قائم علي شاهه جي جمهوريت. انهن سڀني اقتدار جي دورن سنڌ اندر ان ڀوتارڪي نظام کي وڌ کان وڌ مضبوط ڪيو آهي جيڪو ڀوتارڪو نظام سنڌ اندر ذات پات جي بنياد تي نفرتن جو ٻج ڇٽيندو پيو اچي ۽ ذات پات جي بنياد تي خوني جهيڙن جي نه صرف پٺڀرائي ڪري ٿو پر انهن جهيڙن ۽ نفرتن ۾ ئي پنهنجو جياپو سمجهي ٿو. اهو ڀوتارڪو نظام ايترو ته مضبوط آهي جو اهو ايوب خان کي شڪار ڪرائڻ بعد اوڙي پاڙي جي ذات پات کي تاراج ڪري ٿو ته اهو ڀوتارڪو نظام ڀٽي جي جمهوريت ۾ به پاڻ کي پروان چاڙهي بظاهر عوام دوست دور ۾ به بنيادي عوام دشمن ڪارناما سرنجام ڏئي ٿو. ان ڀوتارڪي نظام جي پهچ ايتري ته گهري آهي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي جرڳن تي پابندي واري تاريخي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ کي روڪي رکي ٿو ڇو ته ان عدالتي فيصلي تي عمل ڪرڻ سان ڀوتارڪي نظام جو اهو متبادل عدالتي نظام يا جرڳا سسٽم سخت متاثر ٿئي ٿو. ان ڀوتارڪي نظام جون ڊيپ اسٽيٽ ۾ ايتريون پاڙون کتل آهن جو اهي ڪچي جهڙي سرسبز علائقي کي نو گو ايريا بڻايون ويٺا آهن ۽ اينٽي ايئر ڪرافٽ گن جهڙا خطرناڪ هٿيار کڻي گهمڻ عام آهي پر انهن خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ٿي سگهي. جڏهن ته اسان رهون ان دور ۾ ٿا جتي سکڻو پستول رکڻ جي ڏوهه ۾ به ڪو شريف ماڻهو سالن جا سال جيل ڀوڳي اچي ٿو پر ڀوتارڪي ڊيپ اسٽيٽ ۾ جي ٿري ، راڪيٽ لانچر کان ويندي اينٽي ايئرڪرافٽ گن رکڻ نه صرف شان مان جهڙي ڳالهه آهي پر ان کي پوري پڪ آهي ته ڪو به قانون لاڳو ڪندڙ ادارو کيس هٿ نه لڳائيندو. اهي قبيلائي جهيڙا ئي آهن جيڪي ڀوتارڪي نظام کي ٿوڻي يا ٽيڪ ڏيون بيٺا آهن جتان انهن ڀوتارن جي سردارين جا سفر شروع ٿين ٿا.اهي قبيلائي جهيڙا ئي آهن جتان انهن ڀوتارن کي مفت ۾ اهڙي لشڪر جا سپاهي آساني سان ملي وڃن ٿا جيڪي ڀوتار جي عزت خاطر سئو خون ڪرڻ ۾ به دير نه ڪندا پر کين پنهنجي اوقات جي به خبر هوندي آهي ته کين ويهڻو ڀوتار جي ويگو ۾ پويان ڊالي ۾ يا ڀوتار جي بنگلي واري چونڪي ماڙي تي آهي. انهن قبيلائي جهيڙن جو جاري رهڻ ڀوتارڪي اقتداري نظام جو جياپو آهي جنهنڪري سرڪاري سرپرستي ۾ ٿيل سئو سئو جرڳن يا سرداري فيصلن جي باوجود اهي جهيڙا وري ٻيهر اٿلي پون ٿا ۽ انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون.انساني جانيون سان گڏ اهي ذهن به متاثر ٿين ٿا جيڪي ڪراچي ۾ رهندڙ پنهنجي هم عمر ٻارڙن جيان مريخ جي معلومات ته نٿا رکي سگهن پر دشمن برادري جا گهر ساڙڻ واري سائنس آساني سان سمجهي وڃن ٿا.