قبوسعيدخان (ن پ ا) سيف الله مگسي ڪئنال مان نڪرندڙ نورپو شاخ، امداد مائينر سميت ٻين شاخن ۾ ڪيترن ئي سالن کان کاٽي نه ڪرائڻ خلاف آبادگارن ناهيد کهاوڙ، مٺل کوسو، اڪبر مغيري ،ممتاز مستوئي، عبدالخالق کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ امداد مائينر ڀرسان شهنشاهه هوٽل مين موٽروي روڊ تي ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪري 2ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، سخت نعريبازي، ان موقعي تي آبادگارن دانهيندي چيو ته سيف الله مگسي ڪئنال مان نڪرندڙ شاخن جي ورهين کان کاٽي نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب پڇڙي جا آبادگار پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن، هنن چيو ته شڪايتن باوجود آبپاشي عملدار دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن، هنن مطالبو ڪيو ته شاخن جون کاٽي ڪرائي فصل سڪڻ کان بچايا وڃن.