سن (رپوٽ: شاھنواز شاھاڻي) سن ۾ تيرنھن قبرن جي بيحرمتي جي خلاف جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي صوفي راڳي مانجھي فقير ڪامريڊ گلشير کوسو ۽ فقير امداد منگي جي اڳواڻي ۾ قافلو انڊس ھاءِ وي کان سن پھتو جتي قبرون کوٽيون ويون اتي پھچي گل نڇاور ڪيا ۽ ملاحن وٽ اظھار يڪجھتي لاءِ پھتا . اتان بعد ۾ شاھ حيدر سنائي جي 16 گادي نشين سيد بدر زمان شاھ وٽ پھتا، جتي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي صوفي راڳي مانجھي فقير ۽ ٻين سيد بدر زمان شاھ کي تيرھن قبرن جي ڪيل بيحرمتي جي دانهن ڏني. قافلو سائين جي ايم سيد جي مزار تي پھتو، جتي گل نڇاور ڪيا ويا ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنھل ساريو صوفي راڳي مانجھي فقير شبير ملاح ڪامريڊ گلشير کوسو امجد کوسو فقير امداد منگي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سن سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي سائين جي ايم سيد امن پيار محبت جو پيغام ڏنو آهي سنڌي هجڻ جو احساس ڏياريو آهي. سن ۾ ڪو وڏو زلزلو نه پئي آيو جنهن جي ڪري قبرون کوٽي انهن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو ھو اهو عمل مذمت جوڳو آهي پوءِ ڀلي وارثن جي اجازت سان ٿيو ھجي، اهڙيون روايتون صوفين جي سنڌ کي ڇيهو رسائڻ جي برابر آهن . قبرن کوٽڻ جو سن جي هڪ فرد جو عمل آهي، ان تي ڪجهه ماڻهون سيد خاندان کي ٽارگيٽ ڪري پنهنجي پگھار پڪي ڪرائي رهيا آهن. پر سيد جو فڪر ايترو ته مضبوط آهي جو اهڙيون سازشيون ان کي ڪجهه به نه ٿيون ڪري سگهن.