لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)”قبائلي جهيڙا ختم ڪرايو“ لاڙڪاڻي ۾ سنڌ سماجي سٿ طرفان “امن اپيل امن” جي سِري هيٺ ريلي ڪڍي وئي.ان موقعي تي اڳواڻن محمد خالد جتوئي، افسر علي قريشي، ڪامريڊ مظهر شاهاڻي، زوار نور رياض ۽ ٻين چيو ته ذاتي  ۽ قبيلائي جهيڙن جي ڪري نسل تباهه ٿي رهيا آهن، جهيڙيندڙ ڌرين ڏانهن ميڙ منٿ قافلا وٺي وڃي جهيڙن کي ختم ڪرائي امن کي بحال ڪريون، تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعليمي ادارن جي شاگردن جي مختلف طريقن سان همٿ افزائي ڪرڻ سميت امن ۽ ڀائيچارو قائم ڪرڻ گهرجي. هنن لاڙڪاڻي جي انتظاميه کان مطالبو ڪيو ته رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ شهر اندر سيڪيورٽي جا جوڳا اپاءُ وٺي ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي اڳواٽ نظر ۾ رکي وڃي.