ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سينئر سياستدان، صحافي، پهرين گهرو وزير قاضي محمد اڪبر جي گھرواري ۽ ٽائيم نيوز،  پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي جي والده جو ٽيجهو ڪراچي ڊفينس فيز 8 ۾ علي قاضي جي رهائشگاهه تي ٿيو، جنهن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ايم پي ايز، صحافين ۽ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي، اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو،  ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، وڏي وزير جي صلاحڪار نواب وساڻ، ميرپورخاص جي ايم پي اي ذوالفقار شاھ، ايم پي اي سعديا جاويد، سيڪريٽري اطلاعات عبدالرشيد سولنگي، اڪبر راشدي، اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر بخت جمال، مسعود لوهار، اشفاق ميمڻ، لاڙڪاڻي جي صحافين مرتضيٰ ڪلهوڙو، نادر ابڙو، سکر جي صحافي ممتاز بخاري، فاروق سومرو، سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل جي باني غازي جھنڊير، عبدالله سولنگي، خيرپور جي صحافي خان محمد، حيدرآباد جا صحافي ستار ملڪ، سليم ملاح، بئريستر هالار وساڻ، ليکڪ مدد علي سنڌي، نذير عيساڻي، انجنيئر موهن، امتياز سمون، يونس مهر، عبدالفتاح شيخ، رجب بوزدار، شاهد سيال، نظير ٿهيم، سارنگ خاصخيلي، قيوم سروهي، منصور ٻرڙو، سني خاصخيلي، زوهيب سومرو، زوهيب لاشاري، فتاح شيخ، عابد لاشاري، حاڪم لغاري سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قرآن خواني به ڪئي وئي. مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ دعا به گهري وئي.