قاضي احمد( ن پ ا) سروري ڪرڪيٽ  گرائونڊ تي سروري وائٽ ڪرڪيٽ ٽيم ۽ سروري گرين ڪرڪيٽ ٽيم ۾ فائنل جو زبردست مقابلو ٿيو. سروري وائيٽ ٽيم ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ ڪندي مقرر 9اورن ۾ 124 رنز ٺاهي،  سروري گرين کي 125 جو ٽارگيٽ ڏنو. جيڪو سروري گرين ٽيم  آساني سان پورو ڪري فائينل ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتو .جڏهن ته مين آف دي ميچ شيراز علي ملاح ۽ مين آف دي ٽورنامينٽ سليم چانڊيو کي قرار ڏنو ويو. فاتح ٽيم جي ڪپتان قيصر خان جتوئي کي ٽرافي ۽ 10 ھزار ڪيش انعام ڏنو ويو. جڏھن ته سروري وائيٽ  ٽيم جي ڪپتان ڄام نعيم انڙ کي 5 ھزار ڪيش ٽرافي انعام ڏنو ويو. ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڏسڻ لاء ڪرڪيٽ شوقينن جو وڏو انگ موجود ھو .